شهروز سبزواري

شهروز سبزواري

شهروز سبزواري

شهروز سبزواري : فلم ۽ ٽي. وي جو نوجوان اداڪار ۽ ماڊل شهروز سبزواري, 13 آگسٽ 1985ع تي نامياري اداڪار بهروز سبزواري جي گهر ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. هي اداڪار جاويد شيخ ۽ سليم شيخ جو ڀاڻيجو آهي. سندس تعلق هڪ فنڪار خاندان سان هئڻ ڪري کيس فن ورثي ۾ مليو. جنهن جو هن ڀرپور اظهار ٽي. وي جي مختلف ڊرامن ۾ اداڪاري ذريعي ڪيو آهي.
هن مختلف چئنلز تي جيڪي ڊراما، ڪيا تن ۾ ‘انا’، ‘مامتا’، ‘بدتميز’، ‘ڪڇهه دل ني ڪها’، ‘ڊونٽ جيلس’، ‘يه زندگي هي’، ‘تنهائيان’، ‘نئين سلسلي’، ‘بلو’، ‘ببلو’، ‘اينڊ ڀيا’، ‘نني’، ‘درد آشنا’، ‘ڀول’، ‘آهسته آهسته’، ‘ڪهاني رائما اور مناحل ڪي’، ‘وني’ ۽ ٻيا ڪيترائي مشهور ڊراما شامل آهن. ان کانسواءِ هن ٽيلي فلم ‘شريڪ حيات’ ۽ ‘کلي آسمان ڪي نيچي’ ۾ اداڪاري ذريعي ڏسندڙن ۾ تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڪئي آهي. جڏهن ته اڄڪلهه فلم ’ڪولاچي‘ ۽ هڪ انڊين فلم ‘لوَ اسٽوري’ جي فلمبنديءَ ۾ مصروف آهي.
شهروز 21 آڪٽوبر 2012ع تي مشهور اداڪاره ۽ ماڊل ساره يوسف سان شادي ڪئي. هي هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1985.08.13  عيسوي

شهروز سبزواري, 13 آگسٽ 1985ع تي نامياري اداڪار بهروز سبزواري جي گهر ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مير علي مراد خان ٽالپر
خليفو محمد صالح بائجوي
چارلس ڊاروِن (Charles Darwin)
ايبڪ
ڄام لاکو
سيد حيدر شاهه 2
بهلول لوڌي
ڀٽي نظام الدين
رقيه خانم سومرو
ابن باجه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون